چنبئيءَ جو شڪار

چنبئيءَ جو شڪار: ھيءُ شڪار جو ھڪ قسم آھي، جنھن ذريعي ملاح گانگٽ ۽ پلا ڦاسائيندا آھن. چنبئيءَ اصل ۾ ھڪ ڄار جو قسم آھي جنھن جا ٻه نمونا ٿين ٿا. جنهن سان ننڍا گانگٽ ڦاسائڻ يا وڏن پلن جو شڪار ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي ڄار ٻن ڪاٺين جي گول چڪري ۾ ٻڌل ھوندي آھي ۽ ان ۾ ھڪ خاص قسم جو جھول ڇڏيل ھوندو آھي جنهن ۾ شڪار اچي ڦاسندو آهي. هن ڄار سان ٿيندڙ شڪار کي ’چنبئيءَ جو شڪار‘ ڪوٺيو ويندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو